اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان روس جي ??يڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي ??يادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل م??اد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ روس جي ??چ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي ??چ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان آهن. صدر زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ روس پاران سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي تازي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي ??اءِ روس پاران پاڪستان جي حمايت جي ??ڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ سان پاڪستان کي علائقائي ۽ عال??ي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري لاڳاپن، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. روس جي ??يڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجي ??اڳاپن کي ترجيح ڏي ٿو، اميد آهي ??ه ٻنهي ملڪن جي ??ارليامينٽ جي ??چ ۾ مفاهمت جي ??ادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي ??اءِ پاڪستان جي حمايت تي روس جا ٿورا مڃيا.