اسل??م آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري اسل??م آباد پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئ??. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪئ?? ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئ?? ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ، چيڪ ري??بلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون.