اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ??لهائي ر??يا آهيون، اهڙي ۾ اسان ڪشميري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين جيڪي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظل??ن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري ر??يا آهن. هن چيو ته هڪ اهڙي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ڪشميري ٻارن کي درپيش صدما تمام گهڻا آهن، جيڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي ر??يا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جي خراب حالت عالمي ڌيان جي مستحق آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو مطالبو ڪري.