اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) وفاقي گ??رو وزير محسن نقوي ??يو آهي ته نيشنل پوليس اڪيڊ??ي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ ۽ پاڪستان ملٽري اڪيڊ??ي کي ڪاڪول جهڙو ادارو بڻايو ويندو، جڏهن ته پوليس اڪيڊمي ۾ سزا طور آفيسرن جي مقرري واري روايت ختم ڪرڻي پوندي. 10 آءِ جيز پوليس اڪيڊمي جي آنرشپ وٺن ته اسان سٺن آفيسرن کي فيلڊ ۾ آڻي سگهون ٿا. پوليس آفيسر پنهنجي ذميوارين، عوام جي خدمت ۽ ترقي تي ڌيان ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ اي ايس پيز 50 ڪامن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب دوران ڪيو. گ??رو وزير سمورن ڪامياب آفيسرن کي مبارڪ ڏيندي ??يو ته سکيا مڪمل ڪندڙ آفيسرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم عوام جي خدمت آهي. هن ??يو ته توهان ديانتداري سان عوامي مسئلا حل ڪندا ته هر ميدان ۾ ڪامياب ٿيندا. نيشنل پوليس اڪيڊ??ي کي عالمي معيار موجب بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هن نيشنل پوليس اڪيڊ??ي کي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي وانگر عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو. گ??رو وزير ??يو ته اسان اڪيڊ??ي کي جديد بڻائڻ لاءِ 50 ڪروڙ روپين جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ۾ 25 ڪروڙ نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ 25 ڪروڙ حڪومت پاران فراهم ڪيا ويندا. هن ان اڳالهه تي زور ڀريو ته اها روايت ختم ڪئي وڃي تي هتي سزا طور آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو. فائرنگ جي سهولت ۽ جديد سکيا سينٽرز جي حوالي سان گ??رو وزير ??يو ته اڪيڊمي ۾ فائرنگ جي سهولت جي گهٽتائي کي ختم ڪري ٽاسڪ فورس جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جديد سکيا مرڪز قائم ڪيا ويندا جتي ملڪ جي مختلف حصن مان ماڻهو سکيا حاصل ڪرڻ ايندا. هن ??يو ته نيشنل پوليس اڪيڊ??ي کي يونيورسٽي جي معيار تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن جي ڪم ڪيو ويندو ته جئين جديد سکيا ڪورس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پوليس آفيسرن کي وڌيڪ قابل بڻائي سگهجي. گ??رو وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان پوليس آفيسر عوامي خدمت ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪندا.