ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي ه??ي ملي رهي آهي، توانائي کي ه??ي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي ه?? چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان ??وس سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. روس جي وزير چيو ته روس ۽پاڪستان ??ا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد ت?? ٻڌل آهن. پاور ڊويزن موجب روس ۽ پاڪستان وچ ۾ 8 معاهدن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان معاهدا ٿيا جڏهن ته نيوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي سان معاهدو طئي ٿيو آهي. ٻين معاهدن ۾ انس??لي?? جي تياري جي حوالي سان ??ه ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به معاهدو طئي ٿي ويو. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي ه??ي وٺرائڻ جي حوالي سان ??ه معاهدي تي صحيح ڪئي وئي.