اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيد?? جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سوار محمد حسين شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) 1971ع جي جنگ ۾ بي مثال بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ ??شم?? جي نشاندهي ڪندي ٽينڪ تباهه ڪندڙ توپن سان ??شم?? جون 16 ٽينڪون تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) پنهنجي پيشيواراڻي عسڪري مهارت سان ??شم?? جي طاقت جي نشي ۽ عددي برتري جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪندي ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جو ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۽ عهد وف?? نڀائيندي شهادت ماڻڻ جو عمل ايندڙ نسل?? جي لاءِ قابل تقليد آهي. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انه?? جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيد?? جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.