اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غ??رمشروط جنگبندي سميت غزه جي پٽيءَ ۽ اولهندي ڪناري ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ قائم گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊب??يو اي) جي خلاف پابنديون هٽائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطين ۾ دشمني جي فوري خاتمي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جي تحفظ، فوري ضرورتمندن تائين غيرمحدود انساني همدرديءَ جي پهچ، يو اين آر ڊب??يو اي کي مڪمل تعاون ۽ ان جي لازمي انساني سرگرمين ۽ فوري ضرورتمندن کي صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪريون ٿا. ترجمان عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها اسرائيل کي ان جي جنگي ڏو??ن ۽ والاريل علائقن ۾ انسانيت جي خلاف ڏو??ن تي جوابده قرار ڏي.