اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 441 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض وائرس جي ڪري فوت ٿيا، سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 5 هزار 540 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 81 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ??يا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 292، پنجاب ۾ 9 هزار 781، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 522، اسلام آباد ۾ 2 هزار 476، بلوچستان ۾ 434، گلگت بلتستان ۾ 308، آزا?? ڪشمير ۾ 268 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 87 هزار 950 ٿي چڪو آهي، آزا?? ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 99 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 855 آهي، جنهن مان آزا?? ڪشمير ۾ 2 هزار 356، بلوچستان ۾ 13 هزار 227، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 137، اسلام آباد ۾ 15 هزار 840، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 755، پنجاب ۾ 97 هزار 461 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 115 مريض آهن.