اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ريڊيو پاڪس??ان جي برطرف ملازمن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن کي نظر ۾ رکندي ميرٽ تي فيصلو ڪنداسين، ادارن کي مضبوط بڻائڻ، روزگار جو تحفظ ۽ فروغ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ريڊيو پاڪس??ان جي دوري جي موقعي تي برطرف ملازمن جي نمائندن سان ملاقات ??ور??ن ڳالهائي رهيو هو.