اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان م??هايو ويو، ايوان ??در ۾ خصوصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻيون تقريبون م??عقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم ج?? اظهار ڪيو ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم پيدائ?? جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان م??ٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان م??ٽري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان م??قعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قوم کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم پيدائ?? جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.