اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منش??ات کان بچائڻ ??ي لاءِ ان لعنت جو خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ ??ي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منش??ات جي استعمال جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منش??ات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منش??ات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن جي مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.