اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چي?? آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار اڻٽر آهي، عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃاي?? آهي ۽ هر ميدان ۾ عورتن مردن ??ان شانه بشانه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اها ڳالهه هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ چئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستاني عورتن جي ملڪي ترقي ۾ باوقار خدمتن کي خراج تحسين پي?? ڪريان ٿو، پاڪستاني عورتن ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به شعبي ۾ مردن کان گهٽ ناهن، جديد دور جي ڏس ۾ ا??ان کي اهڙو ماحول بڻائڻ گهرجي جنهن ??ان عورتن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ا??ان جي مذهب اسلام عورتن کي سڀ کان وڌيڪ عزت ڏني، عورت ماءُ به آهي، ڀيڻ ۽ ڌي به، زندگي جي هر روپ ۾ عورت هڪ مقدس مقام ۽ اهم ڪردار ادا ??ند?? نظر ايندي آهي. هن چيو ته اڄ ا??ان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته هر ميدان ۾ چاهي اهو راند هجي، سياست هجي يا تعليمي ميدان عورتون مردن ??ان شانه بشانه پر مردن کان هڪ قدم اڳتي نظر اينديون آهن. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي پي?? نظر موثر قدم کنيا ويا آهن تنهن هوندي به ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جئين عورتن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪ??ڻ ??ان گڏوگڏ روزگار جا برابر موقعا ميسر اچي سگهن ۽ عورتون آزادي ??ان پنهنجا فيصلا ڪري سگهن، پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار ۽ نمائندگي جي فروغ لاءِ قدم کنيا آهن، پاڪستان جي پارليامينٽ عورتن جي ترقي لاءِ موثر قانونسازي به ڪئي آهي ۽ سينيٽ آف پاڪستان کي اهو اعزاز آهي ته هتي اهم قانونسازي عورتن پاران متعارف ڪرائي وئي آهي.