اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلن??ا جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر جنرل شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿ??، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي متقفه ??اء?? رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل آهي، سريلن??ا جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ مذهبي ۽ قدرتي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. صدر ع??رف علوي سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.