اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان گلگت بلتستان جي تاريخي ترقياتي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ گلگت بلتستان جي ترقي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، ناڻي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، مواصلات واري وزير مراد سعيد، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، پلانگن ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين ۽ ٻي?? سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.