اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن ??ي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پا??ستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهن??ي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پا??ستان ۽ چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل ??ي حامل ويجهي پا?? چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ته چين ۽ پا??ستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.