اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وز??ر بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئي??ر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته جڏهن هيٺين سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان سان ع??م شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽيڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وز??ر بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وز??راعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪ??ري??نائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ناجائز ماليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه عمل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.