اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي پاڪستان سا?? غيرمعمولي سهڪار جي ا??تراف ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي ا??تراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خال?? اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سا?? نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، چونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪستان سا?? سهڪار جو اعتراف آهي. پاڪستان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سا?? گڏ ڪاميابي سا?? مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سا?? سا?? گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ملڪن جي قيادت انهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪي??. ه?? ان ڳالهه کي ا??اڳر ڪيو ته مختلف شعبن سا?? واسطو رکندڙ فرينڊز آف پاڪستان جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪي??. ه?? چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪٻئي سا?? لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏن??. ه?? ان ڏينهن جي اهميت کي ا??اڳر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آندو. سفير احمد علي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سا?? ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پاڪستان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوا??ڊز ڏيڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوا??ڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏن??. ه??ن چيو ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.