اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابرا عواڻ چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي، اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارلياماني معاملن واري و??ارت ۽ اطلاعات واري و??ارت گڏجي قدم کڻي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پارلياماني معاملن واري و??ارت ۾ اي ايم وي ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو ته 1970ع کان ٿيندڙ هر چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، ان حوالي ??ان ا??ان کي هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي چونڊ سڌارن تي ا??ان ??ان ڳالهائڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اي وي ايم ٽيڪنالاجي جي حوالي ??ان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان ٽيڪنالاجي ??ان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اجلاس ??ي ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل شرطن تي پورو لهن ٿيون، انهن مشينن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو رڪارڊ ??ان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به دستياب هوندو، هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هن اجلاس ??ي ٻڌايو ته اطلاعات واري و??ارت اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ بابت عوامي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي و??يراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي ??ان موجوده حڪومت تاريخي قدم کنيا آهن، اي وي ايم ٽيڪنالاجي چونڊن ۾ شفافيت طرف هڪ اهم قدم آهي، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ ا??ان جي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي حوالي ??ان معاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ چونڊن خا?? طور تي 2018ع جي عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران لڳايل اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن لاءِ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ، سال 2000ع کان وٺي هيستائين چونڊن تي ٿيندڙ خرچن، ضمني چونڊن ۾ مخالف ڌر جي اعتراضن، اي وي ايم جي حوالي ??ان شفافيت کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو پيڪيج تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس ۾ اطلاعات واري و??ات ۽ پارلياماني معاملن واري و??ارت پاران اي وي ايم جي شفافيت بابت شروع ڪيل ميڊيا مهم جي حوالي ??ان به معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس ??ي اي وي ايم بابت اهم نقطن ۽ ان بابت خدشا ختم ڪرڻ، مالياتي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جي تفصيلي تعارف جي حوالي ??ان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.