اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي شناختي ڪ??رڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪ??رڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪيو. نادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊڪوارٽر آمد تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزيراعظم ??مران خان جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. وزيراعظم ??ي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ??مران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ غير ملڪي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪ??رڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪارڊ جي ڪ??ي پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي نوڪريون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.