اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو ٿي ويو، و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، و??يراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف ??ان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪ??روباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ??ان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن ??ان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر ??ان ملاقات ڪندو، و??يراعظم عمران خان ??ان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.