اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي روانگي واپار تي خاص ڌيان جي ڪري ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جولاءِ کان آڪٽوبر روانگي واپار جو ڪاٿو 9.5 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته روانگي واپار جو ڪاٿو گذريل سال کان 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مملڪتي وزير چيو ته آڪٽوبر ۾ روانگي واپار ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي سان 2.471 ارب ڊالر رهي??. ه?? چيو ته 2.471 ارب ڊالر جو ??ڪارڊ ڪنهن به آڪٽوبر جي مهيني جو ??ڀ کان بلند رڪارڊ آهي.