اسلام آباد – 04 ̵1; نومبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سينيئر صحافي، تجزيه نگار ۽ روزاني پاڪستان جي گروپ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي سان ملڪي صحافت جو هڪ روشن باب بن?? ٿي ويو آهي، صحافت جي شعبي ۽ صحافي برادري جي حقن جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قدرت الله چوڌري کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر ج??يل عطا فرمائي.