اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي بابت سمورن قدن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رحمت للعالمين اٿارٽي جو مقصد معاشري جي اخلاقي براين جو س??رت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ س??رت طيبه جي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عالم سڳورن سان مشاو??ت جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿارٽي جي تجويز ڪ??ل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪردار، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۾ س??رت جي شعور جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري مواد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي س??رت طيبه کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري مواد ۾ س??رت جي اخلاقي رخن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين جي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿارٽي بابت سمورن قدمن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احم??، ڊاڪٽر خالد مسعو??، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.