اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي سينيٽرن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي آهي. چار رڪني وفد ۾ آمريڪي سينيٽرز انگس ڪنگ، رچرڊ بر، جان ڪارنائن ۽ بينجمن سيسي شامل هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آمريڪا جا چار ئي سينيٽرز آمريڪا جي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي جا ميمبر آهن جڏهن ته سينيٽر انگس ڪنگ سينيٽ جي آرمڊ سروسز جو ميمبر پڻ آهي. آمريڪي سينيٽرز جي وفد جو استقبال ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي وارا لاڳاپا رکي ٿو ۽ اقتصادي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ پاڪ آمريڪا گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪي قانونساز?? جي وفد جي دور?? سان گڏيل اعتماد جي استحڪام ۾ مدد ملندي ۽ ان سان عوامي رابطن ۾ پڻ بهتري ايندي. وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو ته ٻنهي ملڪ?? جي حصيداري خطي جي امن ۽ سل??متي ۽ استحڪام جي مفاد ۾ آهي. افغانستا?? جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي امن، سل??متي ۽ معاشي ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل رابطن ۾ اضافو ضروري آهي. هن افغان عوام جي فوري مدد جي ضرورت تي خاص زور ڏيندي چيو ته ان حوال?? سان هر قسم جي ممڪن ??دم?? جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن انساني ۽ معاشي بحران کان بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ويجهي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته خطي ۾ دهشتگردي سميت سيڪيورٽي جي خدش?? جي حوال?? سان ويجهو تعاون ضروري آهي. غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزي?? جي حوال?? سان هن چيو ته آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي ۽ انساني حق?? جي مخالف سوچ تي ٻڌل بي جي پي جي ??دم?? سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خدشا درپيش آهن. هن زور ڏنو ته آمريڪا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار لازمي طور تي ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. عالمي سطح تي امن ۽ سل??متي جي فروغ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڏهاڪن تي ٻڌل گڏيل جدوجهد جو حوالو ڏيندي سينيٽرن 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين غيرملڪي شهري?? جي محفوظ انخلا جي حوال?? سان پاڪستا?? جي تازي ڪردار ک?? ساراهيو. هنن پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وسعت جي حوال?? سان پنهنجي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستا?? جي آبادي ۽ جيو اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ جي ڏس ۾ آمريڪي سينيٽرن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاو?? جي فروغ لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ گهرجي.