اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ مديني جي رياست وانگر فلاحي ريا??ت جي قيام طرف تاريخي قدم آهي. فرخ حبيب پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريان محدود وسيلن واري پاڪستاني جيڪي پرائيويٽ اسپتالن ۾ بهترين علاج جو سوچي به نه سگهندا هئا هاڻي و??ير??عظم عمران خان پاران شروع ڪيل صحت ڪارڊ ذريعي هر خاندان ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته و??ير??عظم عمران خان جو پروگرام م??هن??و پاڪستان م??هن??و گهر هر پاڪستاني جو خواب آهي جيڪو تمام تيزي سان حقيقيت بڻجڻ شروع ٿي ويو آهي، گهٽ لاڳت، ٽي مر??ه، پنج مر??ه، 10 مرله گهرن لاءِ بئنڪون 120 ارب روپين جا قرض منظور ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 38 ارب روپين جا قرض بئنڪن ورهائي ڇڏيا آهن، و??ير??عظم عمران خان جي محنت جي ڪري هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سيڪٽر لاءِ بئنڪن جا قرض 355 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن، جيڪي ڊسمبر 2020ع کان 163 ارب روپيا يعني 85 سيڪڙو وڌيڪ آهي جنهن سان هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سان گڏ جڙيل 120 کان وڌيڪ صن??تن جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيو آهي.