اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشي?? احمد چيو آهي ته سياحن جي لاءِ اسلام آباد رستي مريءَ ۽ گليات وڃڻ جي لاءِ پابندي وڌيڪ 24 ڪلاڪ برقرار رهندي، مريءَ ۽ ڀرپاسي علائقن جي رهواسين کي رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري گذرڻ جي اجازت ڏني و??ندي. هتي جاري بيان ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشي?? احمد چيو ته مريءَ ۽ گليات جي صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهيون، سياحن جي لاءِ مريءَ ۽ گليات وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو صورتحال ڏسي ڪيو ويندو.