اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي معاشي حالتون آهن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرداري آهي، بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زردا??ي ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ٺاهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، پيپلزپارٽي علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 13 سان کان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو منصوبو سن?? جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سن?? جي ??وئ??ي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو ن??ر اچي ٿو. سن?? جي عوام بلاول، زرداري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪاري چ??هي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، پيپلزپارٽي حڪومت سن?? جي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌ جو علائقو آهي، پيپلزپارٽي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو آهي.