اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزي?? شوڪت ترين چيو آهي ته مخالف ڌر جو مني بل ۾ اصل اعتراض ٽيڪسن بابت نه پر ڊاڪومنٽيشن تي آهي ڇو ته 343 ارب رو??ين جي لڳايل ٽيڪس مان 280 ارب ريفنڊ ٿي ويندو ??ڏهن ته صرف 71 ارب جا نوان ٽيڪس لڳندا، ڊبل روٽي، کير، ليپ ٽاپ ۽ سولر سميت ڪيترن ئي شين کي حاصل ڇوٽ برقرار آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران مالي ضمني بل 2021ع جي شق 2 تي ٽي اهم ترميمون جمع ڪرايون ويون جيڪي شاهد خاقان عباسي، محسن داوڙ ۽ سيد نويد قمر ايوان ۾ پيش ڪيون، شاهد خاقان عباسي پنهنجي ترميم جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو ته ناڻي وارو وزير آگاهه ڪري ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي. ماضي ۾ ڪڏهن به مني بجيٽ ۾ ايترا و??ا ٽيڪس نه آندا ويا. محسن داوڙ چيو ته اسان جي ترميم اڳوڻي فاٽا کان ڪسٽم هائوسز کي ضم ٿيل ضلعن کان ٻاهر رکڻ جي حوالي سان آهي، شوڪت ترين ان تي بحث سهيڙيندي چيو ته ناڻي واري وزير طور جڏهن آءِ ايم ايف سان ڳ??له??ن جو آغاز ٿيو ته هن ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ کي برقرار رکڻ جي ڳ??له?? ڪئي، اهو جيڪو ٽيڪسز جو واويلا ڪيو پيو وڃي اهو اصل ۾ ڊاڪومنٽيشن جي خلاف آهي ڇو ته جڏهن به ڊاڪومنٽيشن جي ڳ??له?? ڪئي ويندي آهي ته اهڙي طرح گوڙ ٿيندو ??هي. ڊاڪومنٽيشن سان سڀ ڀڄندا آهن، ان سان انهن جي اصل آمدني جو اندازو ٿي ويندو. هن چيو ته اهي ٽيڪسن جي گيم نه پر هي جيڪو واويلا جو طوفان آهي ان جو سبب ڊاڪو منٽيشن آهي. هن چيو ته مني بجيٽ جي ذريعي لڳايل 343 ارب رو??ين مان 280 ارب ريفنڊ ٿي ويندا جڏهن ته صرف 71 ارب رو??ين جو ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ ڊبل روٽي، کير، ليپ ٽاپ، سولر سميت ٻين ضروري شين کي حاصل ڇوٽ برقرار رکي پئي وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر کي به علم آهي ته جيستائين 18 کان 20 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي نه هوندي توازن نٿو ٿي سگهي.