اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ کي ”جيل بچو“ تحريڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪون ضمانتن سان شروع ناهن ٿينديون، هي ڪ??ڙي تحريڪ آهي جنهن جو ليڊر پلستر ٻڌي ضمانت تي زمان پارڪ ويٺل ??هي?? عمران خان ملڪ کي نقصان پهچايو، کيس پنهنجي خلاف چارج شيٽ جو جواب ڏيڻو پوندو، جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات عمران خان جي گرفتاري سان ٿيڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نالائقن، نااهلن، ملڪ جي خلاف سازش ڪندڙن ۽ فارن فنڊنگ ۾ ملوث ٽولي چار سال وفاق ۽ 10 سال خيبرپختونخواهه ۾ تباهي مچائي، عمران خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي رياستي طاقت جو استعمال ڪري پنهنجا کيسا ڀريا، ان ٽولي پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾و ڌو، سرڪاري خزاني کي استعمال ڪري پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف پروپئگنڊا ڪئي، چار سال تائين سموري رياستي طاقت هجڻ جي باوجود هي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، حمزه شهباز سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي هن موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو، جڏهن ڪرپشن نه ملي ته هن هيروئن جا ڪيسز ٺاهيا، اهي جڏهن ڪو الزام ثابت نه ڪري سگهيا ته هنن ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، ڪشمير جو سودو ڪيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، ملڪ جو ڪو اهڙو شعبو نه آهي جتي هنن تباهي نه مچائي هجي، اڄ پاڪستان جي عوام انهن جي ڦهلايل تباهي جو ڪيتو لوڙي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي گذريل 9 مهينن کان ملڪ ۾ تماشو لڳائي رکيو ??هي?? ان جي ڪ??اڻي سائفر جي سازش، ٻاهرئين سازش ۽ امپورٽيڊ حڪومت جي تماشي کان شروع ٿي، ڪڏهن اسلام آباد لانگ مارچ ڪيو ڪڏهن خيبرپختونخواهه مان لانگ مارچ شروع ڪري پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا، هي شخص ڄاڻي ٿو ته عالمي سازش ناهي ٿي، سائفر جي ڪا ڪهاڻي نه هئي، آمريڪا ڪا سازش ناهي ڪئي، ان جو ٻاهرئين سازش جو بيانيو نواز شريف کان ٿيندو محسن نقوي تائين پهتو ۽ پوءِ جنرل باجوه تي ختم ٿيو، هن پنهنجي پوري ڪ??اڻي ۾ گذريل 9، 10 مهينن ۾ ملڪ ۾ تماشا ڪيا، هر ڏينهن هڪ نئين فلم هلائي، هاڻي چوي ٿو ته ڪا ٻاهرئين سازش نه ٿي هئي. مريم اورنگزيب چيو ته ان جي ڦهلايل معاشي تباهي جو بار عوام ڀوڳي رهي ??هي?? اسان ڏينهن رات محنت ڪري ان جي صحيح ٿيل آءِ ايم ايف پروگرام تي عوام جي ريليف جي لاءِ ٻاهر ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي، عمران خان ملڪي معيشت کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، ان معاهدي تي عمران خان جون صحيحون هيون، اسان هر ڏينهن ان تڪليف مان گذرون ٿا ته پاڪستان جي عوام کي عمران خان جي ڦهلايل چار سال جي معاشي تباهي ۽ مهانگائي جي طوفان مان ڪيئن ڪڍيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ جنهن وقت به حالتون بهتر ٿين ٿيون ته هي هڪ نئين تماشي جو اعلان ڪري ڇڏي ٿو، ان جي خلاف جنهن وقت بي اعتمادي جي رٿ آئي، ان وقت هن سائفر سان کيڏڻ جو اعلان ڪيو، جنهن وقت به ملڪي معيشت صحيح ٿيڻ جو انديشو ٿئي ٿو هي شخص تماشا شروع ڪري ڇڏي ٿو، ان وٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه ??هي?? هر ڏينهن هي پاڻ پنهنجي بيانيي کي دفن ڪري ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪندڙ شخص فارن فنڊنگ ۾ 14 نومبر 2014ع کان فرار ??هي?? هي شخص اليڪشن ڪميشن، هاءِ ڪورٽ، ايف آءِ اي، نيب، سيشن ڪورٽ سميت ڪٿي به جاچ ۾ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته هي چور ۽ فارن فنڊر ??هي?? هن شخص خيرات جا پئسا سياسي مقصدن ۽ ملڪ جي خلاف سازش جي لاءِ استعمال ڪيا، توشه خانه ڪيس ۾ به هي شخص فرار ??هي?? هي شخص توشه خانه چور ??هي?? هن گهڙيون وڪرو ڪيون، هن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ??هي?? عمران خان جي خلاف چارج شيٽ ??هي?? هي ڏوهاري ??هي?? توشه خانه، فارن فنڊنگ، هيرن جي ڏيتي ليتي، سائفر جي سازش جي ڪ??اڻي، القادر ٽرسٽ جي زمين هي اهي ڪيس آهن جن ۾ عمران خان وٽ ڪو جواب نه ??هي?? ان لاءِ هي ڪ??هن به اداري، عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته ان کي خبر آهي ته هو چور آهي. هن چيو ته عمران خان کي حڪومت نه عدالتون گهرائين ٿيون، جيڪي عدالتون نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، حمزه شهباز کي گهرائينديون هيون ۽ اهي پيش ٿيندا هئا، اڄ اهي عدالتون هن شخص کي طلب ڪن ٿيون ته هي پيش نه ٿو ٿئي، شاهد خاقان عباسي ڪالهه عدالت ۾ دير سان پيش ٿيو ته ان جا ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ٿي ويا جڏهن ته ٻئي طرف هي شخص غنده گردي ۽ بدمعاشي ڪري ٿو ۽ ان کي مهلت تي مهلت ڏني وڃي ٿي، هي پنهنجي گرفتاري کي سياسي انتقام چوي ٿو، عمران خان کي پنهنجي خلاف چارج شيٽ تي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هن شخص کي عدالت، ايف آءِ اي ۽ نيب طلب ڪري رهي آهي ۽ هي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري رهيو آهي جنهن جي شروعات ضمانت سان ٿئي ٿي، هي جيل ڀريو تحريڪ نه ”جيل بچو“ تحريڪ ??هي?? ان جو عالمي سازش ۽ امپورٽيڊ حڪومت جو بيانيو ختم ٿي ويو، ان وٽ توشه خانه ڪيس ۽ پنج قيراط هيرا ۽ القادر ٽرسٽ جي زمين، فارن فنڊنگ جي ڪيسز جو جواب نه آهي ان لاءِ پنهنجي ڪيسز تان نظرون هٽائڻ جي لاءِ جيل ڀريو تحريڪ جو نئون تماشو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هي سياسي عدم استحڪام ان لاءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته حڪومت پنهنجا پرڏيهي لاڳاپا ٺيڪ ڪري رهي ??هي?? اڄ چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ 70 ڪروڙ ڊالر جو اعلان ڪيو، ڇا هي ان لاءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري رهيو ??هي?? هي جيل ڀريو تحريڪ نه ملڪ جي خلاف سازش آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عمران خان چئي رهيو آهي ته وچولي طبقي تي بار وجهي ڇڏيو، عمران خان جي چار سالا دور ۾ وچولو طبقو ڏيڍ سئو رپيا في ڪ??و کنڊ خريد ڪري رهيو هو، گهريل?? عورتون آڱوٺي ج?? نشان لڳائي هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ قطارن ۾ بيٺل هونديون هيون، ان وچولي طبقي کي 52 رپيا في ڪ??و کنڊ بدران ڏيڍ سئو رپيا في ڪ??و کنڊ قطارن ۾ بيهاري ڏني پئي وئي، اهو طبقو 2018ع کان اپريل 2022ع تائين 120 رپيا في ڪ??و اٽو خريد ڪندو هو، ان کي مهانگي بجلي مهانگي گئس ملي رهي هئي. هن چيو ته اڄ وچولي طبقي تي جيڪو بار آهي اهو عمران خان جي ڪري ??هي?? ان کي ڳالهه ڪندي شرم تائين نه آئي. مهانگائي ۽ بيروزگاري جو بار ڪنهن ٻئي نه عمران خان وڌو آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته گهريل?? عورتن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ??هي?? بشريٰ بي بي گهريل?? عورتن نه پر هوءَ چوري جي ايڊوائيزر هئي، هو چوندي هئي ته ان کي ٽي قيراط جو نه پنج قيراط جو هيرو گهرجي، ان گهريل?? عورت سياسي مخالفن کي غداري جي ڪيسن سان ڳنڍڻ جو چيو، اها ئي گهريل?? عورت القادر ٽرسٽ جي ٽرسٽي هئي، ان جي فرنٽ مين فرح گوگي هئي، هر سياسي ۽ آفيشل مقرري ان گهريل?? عورت ڪئي، جيڪڏهن اها گهريل?? عورت آهي ته ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي چوي ته آئون گهريل?? عورت ??هي??ن. ايف آءِ اي کي جواب ڏي ته هو القادر ٽرسٽ جي ٽرسٽي نه آهي ۽ ٻڌائي ته مون چوري ناهي ڪئي، نه ته گهريل?? عورت جو ڊرامو ۽ تماشو بند ڪيو وڃي. هن چيو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ اڳواڻن جا کيسا ڀرڻ جي چاٻي هئي، عمران خان بني گالا کي ڪرپشن جو مرڪز بڻائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، هن شخص گذريل 10 سالن کان ملڪ کي ڪ??زور ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. جڏهن به ڪا بهتري جي خبر اچي ٿي يا ملڪ جي عوام کي ريليف ملي ٿو ته هي شخص تماشو شروع ڪري ڇڏي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته هي لاهور ۾ تماشو ڪري رهيو ??هي?? پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کان ڳالهه هاڻي 1200 ماڻهن تي اچي وئي ??هي?? جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات عمران خان جي گرفتاري سان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي گرفتاري اسان جو مقصد هجي ها ته تمام گهڻو اڳ ڪري چڪا هجون ها، جيل بچو ضمانت سان جيل ڀريو تحريڪ نه ٿي هلي سگهي. هن چيو ته شهباز شريف پنهنجي ٻارن سان گڏ جي آءِ ٽي ۾ ويو هو، جڏهن ته هي شخص زمان پارڪ ۾ ٽنگ ٻڌي ويٺل آهي ۽ ڪنهن جاچ ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان پرويز الاهي کي پنجاب جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل چوندو هو، اڄ پنجاب جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل ان جي پارٽي ۾ شامل ٿي ويو ??هي?? اها ان جي اصليت آهي. هن چيو ته عمران خان ٻڌائي 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪيڏانهن ويون، عمران خان 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ٿيڻ جو واعدو ڪيو ۽ ملڪ کي ڪرپشن جو اکاڙو بڻائي ڇڏيو. هي شخص اپريل 2022ع تي چوندو هو ته آمريڪي سازش ٿي ??هي?? اڄ چوي ٿو ته ڪا سازش ناهي ٿي، هي ملڪي معيشت سان راند کيڏي ويو، هن سائفر جي ڪ??اڻي تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، گورنر ۽ وزيرن کان آئين شڪني ڪرائي، ان کي بي اعتمادي رٿ سان پارليامينٽ کان ٻاهر اڇلايو، هن کان سوال پڇو ته هي چوي ٿو ته ملڪ جي خلاف سازش ??هي?? عدالتون طلب ڪن ته هي عوام کي اتساهي ٿو، هي شخص غنڊه گردي ۽ بدمعاشي سان عدالتن تي حملي آور ٿئي ٿو ۽ ان جي ضمانت ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته عمران خان وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي قومي خزاني کي ڦريو، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، ان وٽ جواب نه آهي ته هن جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، اها ڪهڙي تحريڪ آهي جنهن جو ليڊر پلستر ٻڌي زمان پارڪ ۾ ويٺل ??هي?? هي جيل بچو تحريڪ آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ان آءِ ايم ايف جي ڊيل تي سوال اٿاري رهيو آهي جنهن تي ان جون پنهنجون صحيحون آهن، هي اها ئي ڊيل آهي جيڪا عمران خان شروع ڪئي هئي، اسان ان تي ڳالهه ٻولهه ڪري غريب عوام کي ريليف ڏيارڻ جي ڪ??شش ڪئي. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان 6.3 سيڪڙو ترقي ڪ??دڙ معيشت ڇڏي ويا هئاسين، موٽروي جو ڄار وڇائي ويا هئاسين، اسپتال ۽ يونيورسٽين سميت بجلي جا منصوبا لڳائي ويا هئاسين، اسان 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي هئي، هن جي چار سال جي نالائقي ۽ نااهلي جي ڪري اڄ ٻيهر بجلي جو شارٽ فال ??هي?? هن ملڪ جي نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، هن ملڪ کي نقصان پهچايو، عمران خان چوندو هو ته مودي ايندو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو، هن شخص ڪشمير جو سودو ڪيو، عمران خان کي انهن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. قومي خزاني کي ڦري جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري توهان بچي نه ٿا سگهو، توهان ملڪ ۾ فساد مچائي ملڪ دشمني ڪري رهيا آهيو ته ڪٿي ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه ٿي وڃن. جڏهن به ڪا ملڪي ترقي ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي ته هي ڊرامي جو اعلان ڪري ڇڏي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نواز شريف هن ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو، ان کي اقامي تي نااهل ڪيو ويو ڇو ته هن پنهنجي پٽ جي ڪ??پني کان پگهار نه ورتي، هن نه ته سائفر جي ڪ??اڻي شروع ڪئي نه ئي ڪ?? هيرا گڏ ڪيا. هن چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل ۾ ??هي?? ان نااهل ٽولي پنهنجي دور ۾ بجلي جا منصوبا، سي پيڪ، معاشي ترقي جا منصوبا بند ڪيا، دوست ملڪن سان شروع ڪيل منصوبا بند ڪيا، هي ملڪ کي بند گهٽيءَ ۾ ڇڏي ويو، اڄ جڏهن اسان هن ملڪ کي مشڪل مان ڪڍڻ جي ڪ??شش ڪري رهيا آهيون ته هن تماشو شروع ڪري ڇڏيو ??هي?? ڪير ملڪ کي نقصان پهچائيندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته شهباز شريف عمران خان جي خلاف هتڪ عزت جو ڪيس ڪري رکيو هو، سپريم ڪورٽ رولنگ ڏني ته عمران خان جو ڪردار ڄاڻي واڻي نافرماني وارو ??هي?? عمران خان 10 ارب رپين جي رشوت جو الزام هنيو هو، هن وٽ ان جو ڪو جواب نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ پنهنجي ڏوهن تان نظرون هٽائڻ جي لاءِ ??هي?? پاڪستان جي عوام بيوقوف نه آهي جو ان جي ڳالهين ۾ اچي ويندي.