اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسن سان گڏوگڏ تاريخي، نادر ۽ ناياب ورثي ريڊيو پاڪستان پشاور کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پ??ند??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان پشاور جي سڙي ويل عمارت جي وڊيوز شيئر ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل، منظم منصوبابندي ۽ ذهن سازي تحت وطن فروشن 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي باهه ڏئي وڏو ڏوهه ??يو. ريڊيو پاڪستان پشاور تان آزادي ۽ پاڪستان جي قيام جو تاريخي اعلان ٿيو هو. 1932ع ۾ قائم ٿيندڙ هي قديم ترين ريڊيو آهي جيڪو بنا تار لهرن جي خالق مارڪوني ان وقت جي سرحد جي وڏي وزير (موجوده خيبرپختونخواهه) عبدالقيوم خان جي درخواست تي تحفو ڏنو هو ۽ نصب ڪرڻ هو پاڻ لنڊ?? مان هتي آيو هو. هن چيو ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسز سان گڏ تاريخ ئي ساڙي ڇڏي، نادر ۽ ناياب ورثو راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پ??ند??. گهڙي وڪرو ڪندڙ تاريخي تحفو اناءَ جي باهه ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيو.