اسلام ??باد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ ??ئي?? منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشنل لابئريري آف پاڪستان اسلام ??باد جي رنگ روغن جي لاءِ 94.500 ملين رپيا، نيشنل لينگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي لاءِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي لاءِ 20.327 ملين رپيا، لاهور ۾ موجود علامه محمد اقبال جي رهائشگاهه کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي لاءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ??ين ٽن جاري منصوبن جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ هڪ ??ئي?? منصوبي جي لاءِ 350 ملين رپيا رکيا ويا آهن.