اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چ??ڙهو نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي دنيا جي نئين بلند تر??ن چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ تر??ن چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ??را??ا بلند جبلن کان به بلن?? آهن، ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني پاڪستاني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ??را??ي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني ۽ ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪياني ٻي پاڪستاني عورت جبل چ??ڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ثمينه بيگ پهرين پاڪستاني عورت جبل چ??ڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.