سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر امتياز علي ابڙو شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇان جي ساحلي علائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن ??نت??ل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي ??نت??ل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گور??مي??ٽ گرلز ڊگري ڪاليج سجاول، گور??مي??ٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول، گور??مي??ٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول I، گور??مي??ٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول II، گور??مي??ٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول، مورو مرڪز سجاول، گور??مي??ٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا سجاول، گور??مي??ٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ سجاول، گور??مي??ٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جاتي، گور??مي??ٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي، سيف اسڪول جاتي ٽ??ئو??، مين پرائمري اسڪول جاتي ۽ گور??مي??ٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جاتي ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي علائقن مان ڪڍي مختلف رليف ڪيمپن ۾ ??نت??ل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي ??نت??ل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ ??نت??ل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.