اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ??اڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيدن جي خاندانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق صدر مملڪت ??اڪٽر عارف علوي 2 جولا??ِ تي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي باقر جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل ??پاهي گل رئوف جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شهيدن ۽ سن??ن جي خاندانن جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.