اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اڄ پشاور جو دورو ڪندو ۽ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فاٽا يونيور??ٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيور??ٽي آهي، جيڪا فاٽا جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيور??ٽي جو بنيا?? مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.