اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو آه??. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرپرسن قومي اسيمبلي ميمبر جويريه ظفر آه??ر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن ملازمن کي ريگيولر ڪري ڇڏيو آه??. پي ٽي وي اسلام آباد ۾ فلم ڊويزن قا??م ڪئي وئي آه?? جڏهن ته وزارت پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو پڻ قا??م ڪيو آه??. هن اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آه?? ۽ ان جا ڪورسز 25 جولاءِ کان شروع ٿي رهيا آه??. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي هيلٿ انشورنس شروع ڪئي وئي اهي، اهڙي طرح آرٽسٽن جي لاءِ به هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آه??. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز شروع ڪيا ويا آه?? ۽ ريڊيو پاڪستان جي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارن، الائونسز ۽ پينشنز جي عدم ادائيگي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي پينشنرز کي مسئلا درپيش هئا، حڪوم?? موجوده بجيٽ ۾ مناسب بجيٽ گرانٽ جاري ڪئي آه?? جنهن سان انهن جون مالي ضرورتون پوريون ٿي رهيون آه??. وڌيڪ اهو ته پي بي سي جي ملازمن ۽ پينشنرز کي سموريون رهتون پڻ ادا ڪري ڇڏيون آه??. اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آه??ر چيو ته صحافت ۾ اخلاقيات هڪ تمام ضروري عنصر آه?? ۽ واقعن بابت ڪنهن به خبر کي صحيح رپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ سٺي اڳڀرائي آه?? ته پيمرا ايڪٽ 2002ع ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن سان پيمرا وڌيڪ بااختيار ٿيندو. انسپيڪٽر جنرل پوليس آءِ سي ٽي اسلام آباد ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس سمورن ڪيسن ۾ صحافين کي ترجيح ڏئي رهي آه?? ۽ ڪيترائي ڪيس سي آءِ اي کي موڪليا ويا آه??. هن چيو ته اسلام آباد جي صحافينجي لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ جوڙيو ويو آه?? جتي اهي پنهنجي مسئلن بابت ٻڌائي سگهن ٿا جن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. بعد ۾ ڪميٽي حڪومتي بل ”دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) بل 2023ع“، ”دي پريس، نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز ۽ ??ڪ رجسٽريشن (ترميمي) بل 2023ع“ تي غور ڪيو ۽ معمولي ترميمن سان ان کي منظور ڪري ورتو. ڪميٽي وڌيڪ قانونسازي ملتوي ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ان تي غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن/ قومي اسيمبلي ميمبرن زيب جعفر، ڪرن عمران ڊار، ذوالفقار علي، ناز بلوچ، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه اسلم سومرو، ناصر خان موسيٰ زئي ۽ آسيه عظيم، بلن جي محرڪين قومي اسيمبلي ميمبرن مولانا عبدالاڪبر چترالي ۽ محمد جمال الدين شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ گهرو وزارت جا سينيئر آفيسر، اسلام آباد پوليس، ايف آءِ اي، پيمرا، پي بي سي، پي آءِ ڊي جا نمائندا پڻ ان موقعي تي موجود هئا.