اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي ??ي و??قع?? جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪي?? آهي، ??ن سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو وي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب ڪلچرل شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، ??نهن ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي ??ان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.