اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهي ٿو، ترجيحي شعبن ۾ سيڙپ??ار?? جا نوان ۽ پرڪشش موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪيه ج?? سفير مهمت پيڪاسي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نگران وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ قيادت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستاني عوام جا ترڪيه سان ??ار??خي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، صدر اردوان کي پاڪستان ۾ به ايتري ئي مقبوليت حاصل آهي جيترو هو پنهنجي ملڪ ۾ مقبول آهي. نگران وزيراعظم فيبروري 2023ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ترڪيه جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ک?? ساراهيو ۽ ترڪ عوام جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفن لاڳاپن تي نگران وزيراع??م چيو ته ٻئي ملڪ واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهن ٿا، پاڪستان غيرملڪي سيڙپ??ار?? کي راغب ڪرڻ جو خواهشمند آهي انهي لاءِ ترجيحي شعبن ۾ سيڙپ??ار?? جا نوان ۽ پرڪشش موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي پراڻي ۽ ثابت قدم حمايت تي ترڪيه ک?? ساراهيو، مضبوط ۽ وقت ت?? ساٿ ڏيندڙ ٻطرفن لاڳاپن کانسواءِ پاڪستان ۽ ترڪيه اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن سميت وسيع علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هڪ ٻئ?? سان هم آهنگي ۽ ويجهو تعاون ڪن ٿا.