لاهور-28 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران حڪومت تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هڪ تاريخي تعليمي ادارو آهي، سرڪاري اسڪولن جي معيار ۽ سهولتن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي 22 هين سالياني ڪانووڪيشن کي ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر جي سي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر اصغر علي زيدي، اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني، بحرين جي پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر عادل بن عبدالرحمان، قاري صهيب احمد ۽ نعيم طاهر سميت فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ انهن جي والدين شرڪت ڪئي. تعليم واري نگران وزير چيو ته گورنمينٽ ڪاليج ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. علامه اقبال جي مادر علمي ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هو جڏهن به لاهور ايندو آهي ته گورنمينٽ ڪاليج کي ٻاهران ئي ڏسندو هو، اڄ جڏهن آئون هن تاريخي تعليمي اداري ۾ داخل ٿيو آهيان ته ان جون ديوارون ۽ دريون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، هن جو چوڻ هو ته گورنمينٽ ڪاليج هڪ اهڙو ادارو آهي مبل/123484.html">جنهن جي عمارت ڏيڍ سئ?? سالن کانپوءِ به بهتر حالت ۾ قائم آهي، هتان ڪيترين ئي مشهور شخصيتن تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترين ئي نامياري شخصيتن هتان کان تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي پر پاڪستان جو نالو به روشن ڪيو. هن چيو ته عوامي نمائندا اسيمبلين ۾ ويهي عوام جي حقن جو تحفظ ڪندا آهن، مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ت??ليمي شعبي کي ??هم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته 28 کان 30 ملين ٻار هاڻي به اسڪولن کان ٻاهر آهن، چائلڊ ليبر ٻارن جي تعليم جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته نگران حڪومت ٿوري عرصي لاءِ آئي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته تعليم جي شعبي لاءِ اهڙا قدم کڻون جيڪي تقليد جوڳا هجن.تعليم واري وزير چيو ته آئون بنيادي طور تي قلمڪار آهيان، مون کي ??بر آهي ته قوم جا مسئلا ڪهڙا آهن، مون پنهنجي وزارت سنڀالڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ هڪ پرائمري اسڪول جو دورو ڪيو ته اتي ڪيترائي مسئلا هئا ۽ اسڪول ۾ واش روم سميت ٻين سهولتن جي کوٽ هئي مبل/123484.html">جنهن کي ڏسي ڏک ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي ??ڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي پنهنجي ٻارن لاءِ ت??ليم جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. مدد علي سنڌي چيو ته تعليمي مسئلن جي حل لاءِ مون سمورن صوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ گهرائي آهي مبل/123484.html">جنهن ۾ اسان ان ڳالهه جو تعين ڪنداسين ته اسان پنهنجي تعليمي ادارن جي حالت کي ڪيئن بهتر ڪري سگهون ٿا. ڪانووڪيشن ۾ 1210 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا. 15 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پي ايڇ ڊي ، 152 کي ??يم فل، 159 کي ??يم ايس سي ۽ 884 کي ??ي ايس جي ڊگرين سان نوازيو ويو.