اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا فضل الرحمان ??ڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. صحاف??ن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا فضل الرحمان ??ڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورت?? هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف جي واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.