ڪوئيٽا – 10 – ????ٽو??ر (اي پي ??ي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي نگران وڏي وزير سردار علي مردان خان ڊومڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس بابت بريفنگ ڏني. نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي بلوچستان صوبي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گهرو معاملن وارو نگران وفاقي وزير سرف??از احمد بگٽي پڻ موجود هو.