اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? چين جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ??يو. دوري دوران نگران وزيراعظم چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي ٽئين فورم ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، چيني ۽ روسي صدرن، چين جي وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي عهديدارن ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم م??ڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم چين جي ش??ر ارومچي جو دورو ڪيو جتي هن ارومچي جي سياسي قيادت، ڪاروباري شخصيتن ۽ ارومچي ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪئي.