راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المتائر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بشمول سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ معزز مهمان آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فو??ي تربيت بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهم??ن شخصيت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف مهم??ن شخصيت جي آجيان ??ندي چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا ويجها ناتا آهن، پاڪستان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ??سي ??و. ان ??ان اڳ مهم??ن شخصيت جي ج?? ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج جي هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.