اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪوئيٽا جي شاگردي واري زما??ي جي اسڪول ٽيچر سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي اسڪول ٽيچر سان ملاقات جي حوالي سان هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي. ان وڊيو سان گڏ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا جي شاگردي واري زما??ي جي اسڪول ٽيچر مس عذرا ناهيد سان ٽن ڏهاڪن ??ان??وءِ منهنج?? ملاقات ٿي جنهن جي شفقت ۽ ڪڏهن ڪڏهن سختي منهنجي شخصيت سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم پنهنجي ٽيچر جي انتهائي ادب ۽ احترام ۽ والهاڻي انداز ۾ آجيان ڪئي جڏهن ته محترمه عذرا ناهيد پڻ نگران وزيراعظم سان انتهائي شفقت سان ملي ۽ کيس نگران وزيراعظم جو عهد?? سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.