اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستا?? جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي ??ي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ا?? جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??طلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ارب رپي?? جي منظوري ڏني هئي، 10 ارب رپي?? جي رقم اڳ ۾ ئي جاري ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته اي سي ??ي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ا?? جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي، اسان آئي?? جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.