اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صنعتن جي لاءِ گئس جي قيمتن جي حوالي سان صنعتڪارن جي مشاورت سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته صنعتن جي لاءِ بجلي جا به چٽاڀيٽي اگهه متعارف ڪرايا وڃن جنهن سان عام ماڻهو ۽ صنعتن کي فائدو پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي سان تعلق رکندڙ ناليوارن صنعتڪارن ۽ واپارين ملاقات ڪئي. ملاقات نگران وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران صنعتڪارن ۽ واپارين سان شروع ڪيل مشاورت جو تسلسل آه??. ان موقعي تي ڳالهائيند?? نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صنعتڪارن ۽ واپاري برادري جو اهم ڪردار آه??، حڪومت صنعت ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آه??. هن هدايت ڪئي ته صنعتن جي لاءِ بجلي جا چٽاڀيٽي اگهه متعارف ڪرايا وڃن جنهن سان عام ماڻهو ۽ صنعتن کي فائدو پهچي. نگران وزيراعظم ناڻي وار?? نگران وفاقي وزير ۽ توانائي وار?? نگران وفاقي وزير کي صنعتن جي لاءِ گئس جي قيمتن جي حوالي سان صنعتڪارن جي مشاورت سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌ??ئڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آه??، ٽيڪس نيٽ وڌ??ئڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون اهميت رکندڙ آه??، ٽيڪس نيٽ جي وڌ??ئڻ ۾ ڪاروباري برادري حڪومت جو ساٿ ڏي، عوام جي ڀلائي ۽ معيشت جي بحالي جي لاءِ حڪومت اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آه??. واپاري برادري جي وفد اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ جي مهم ۽ معيشت جي بحالي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وار?? نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وفد ۾ چيئرمين بزنس مين گروپ زبير موتي والا، چيف ڪوآرڊينيٽر انڊسٽريل فورم محمد جاويد بلواني، پيٽرن ان چيف لسٻيلا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري مقصود اسماعيل، اڳوڻو چيئرمين آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل پراسيسنگ ملز ايسوسيئي??ن سليم پاريک، پيٽرن ان چيف بن قاسم ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ميان محمد احمد، صدر نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري فيصل معيز ۽ ٻيا شامل هئا.