اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وز??ر حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صو??تحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني والاريل فلسطين خاص طور تي غزه جي خراب صو??تحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جن??بندي جي فوري ضرورت، گهيراءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طبي سامان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ٻيهر شروعات تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وز??ر 15 ڊسمبر تي ڏکڻ اوڀر ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سيڪيورٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم تي زور ڏنو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پرڏيهي وز??رن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي مٽاسٽ?? کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.