اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ خصوصي ماڻهن جي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي ما??ي خودمختياري جي ??اء?? حڪومتي سطح تي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارا معذور ماڻهن جي ??اء?? موزون ملازمتن جي نشاندهي ڪن، افرادي قوت ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ??اء?? هنر موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. صدر خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهو پاڪستان جي آبادي جو اٽڪل 12 سيڪڙو حصو آهن. ڪوٽا جهڙي مثبت قدمن سان ملازمتن ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته معذور ماڻهن کي قابل قدر مهارتن سان ليس ڪرڻو پوندو. خصوصي ماڻهن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت موجب ملازمتون ڏيڻ، ممڪن آجرن سان ملائڻ جي ضرورت آهي. صدر خصوصي ماڻهن پاران معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نجي اسڪول معذور ماڻهن جي ٻارن کي داخلا ڏين، نجي اسڪول معذور ماڻهن جي جامع تعليم جي ??اء?? قدم کڻن. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري جي اجلاس کي معذور ماڻهن جي سهولت ??اء?? قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خصوصي ماڻهو سي ايس ايس جي سمورن گروپس جي ??اء?? امتحانن ۾ شرڪت جا اهل آهن. ڪميشن امتحانن دوران خصوصي ماڻهن کي اضافي وقت ۽ لکت ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آه??. خ??وصي ماڻهن کي مقابلي جي امتحان ۾ قاعدن تحت عمر جي مٿئين حد ۾ 2 سالن جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سمورين وزارتن، ڊويزنن، کاتن ۾ 2 سيڪڙو ملازمتن جي ڪوٽا کي لاڳو ڪرڻ جي ??اء?? ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. سرڪاري شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي ملازمتن جي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي وڃي. صدر معذور ماڻهن جي حقن جي ??اء?? وزارتن جي تعاون کي ساراهيو.