اسلام آباد ??? 01 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگر??ن حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي نئين ح??ومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقد الوداعي ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نگر??ن حڪومت ج?? دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ج?? ڪارڪردگي ۽ تعاون کي ساراهيو. ت??ري?? کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي نئين ح??ومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آئون پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگر??ن حڪومت ج?? دور ۾ مون سان تعاون ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وزارت ج?? ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري نگران دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ج?? ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. ت??ري?? جي آخر ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سڀني سان ملاقات ڪئي.