اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي علامت آهي. آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدر لاءِ ووٽ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر پنه??جا اختيار وفاق ۽ صوبن کي منتقل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار روايت قائم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ??يو ته صدر ملڪ ۾ قومي، ثقافتي بين النسل هم آهنگي جي روايت جو امين ۽ علامت هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضم??نت آهي. ان ڪري ايم ڪيو اي?? آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري اڳوڻي صدر طور پنه??جا اختيار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو رشتو مضبوط ٿيو.